سيد لال شاهه

سيد لال شاهه: خيرپورناٿن شاهه جو سياسي سماجي اڳواڻ سيد لال شاهه ولد حاجي جمن شاهه، 30 مئي 1975ع تي سيدن جي ٿلهي (ڳوٺ) بهادرپور، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو. تعليمي قابليت ايم. اي (اڪنامڪس) ۽ ايل. ايل. بي اٿس. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2008ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج دادوءَ جي آفيس ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني طور ڪئي، ٻن سالن کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ هن وقت تعلقي بار ايسوسيئيشن خيرپورناٿن شاهه جو صدر آهي. سيد لال شاهه سياسي سرگرمين جي شروعات سال 1996ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي پليٽفارم تان ڪئي. هو 1998ع کان 2000ع تائين سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو. 2000ع کان 2001ع تائين ساڳيءَ تنظيم جو مرڪزي نائب صدر رهيو. سال 2002ع کان 2005ع تائين عوامي تحريڪ ضلعي دادوءَ جو صدر پڻ رهيو. 2003ع ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ڀٽ شاهه کان ڪراچيءَ تائين ٿيل لانگ مارچ ۾ شريڪ رهيو، جنهنڪري ايم. پي. او هيٺ ڪجهه ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو. ٻيو ڀيرو ساڳئي سلسلي ۾ گورنر هائوس جي آڏو ڌرڻو هڻندي گرفتار ٿيو، ٻه ڏينهن آرٽلري صدر ٿاڻي ۾ رکيو ويو.
سيد لال شاهه، سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. هن 1998ع ۾ ’يقين شاهه رورل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو بنياد رکيو ۽ ان پليٽفارم تان پرائمري اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر کوليائين. 2010ع ۾ ’عوامي جمهوري پارٽيءَ‘ جو بنياد پيو ته ان جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ ضلعي دادو جو صدر منتخب ٿيو. 2010ع ۾ آيل مهاٻوڏ دوران ڪوٽڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن ۾ گهڻو فلاحي ڪم ڪيائين. هن پنهنجن هم خيال دوستن: نور نبي راهوجي، سڄڻ کوسي، وقار ناٿن شاهي، واجد علي قاضي، رسول بخش بروهي ۽ ٻين سان گڏجي 2000ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ادبي فورم قائم ڪري اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون ملهايون ۽ ادبي ميڙاڪا ڪرايا آهن. سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاهه جو ميمبر آهي.


لفظ سيد لال شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.30  عيسوي

سياسي سماجي اڳواڻ سيد لال شاهه ولد حاجي جمن شاهه، 30 مئي 1975ع تي سيدن جي ٿلهي (ڳوٺ) بهادرپور، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سردار خان چانڊيو
گهرام فقير جتوئي
جادم مڱريو
بهروز سبزواري
مير فتح علي خان ٽالپر
سنت ماڌو داس
رويداس
حيدري مرزا قنبر علي بيگ
ملا حسن درساڻي
شاهه قاسم بيگلار1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون